پيار پکيءَ جئن ايندو آهي آکيرو به اَڏيندو آهي روهه مٿان روها کيءَ وانگر پو به اُڏامي ويندو آهي
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها آزاد هوا ڇا ٿيندي آ! پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي، مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛
گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي مون کي اِئن آڇيندو آهي، پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.
ڪنهن جو تختو نڪتل آهي ڪنهن جو تخت وڃايل آهي، مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛
ڇا سُر راڻو مٽي آهي؟ ڇا ڪوهياري مٽي آهي؟ آءٌ ڀٽائيءَ لاءِ پُڇان ٿو- ڀِٽَّ ته ساري مٽي آهي؟
راهب ڪُوڙ ڪمائن ويٺا ڪيڏا ڪُوڙ ڪليسا آهي پو به صليب تي رَتُ ۾ رانيل ڳَهرو ڳاٽُ ته مٽي ناهي!
ڪيڏي آ هُٻڪارَ هَوا ۾ توڙي سَو پَرمار هوا ۾ ڪويل ڪُوڪ ڪَٽاريءَ وانگر اُڀرِي آ ٻيهار هوا ۾
ڳِيچَ ڳَهر مان جاڳيا آهن لَيءَ ڪيڏي متوارِي آهي ڄڻ سنڌوءَ جي ڏائي ڪَپ تي سائِي سرنهن ڦُلاري آهي
جنهن جي واٽ اُڃايل آهي پاڻيارين جي پياس جيان ميگهه رُسي ويو آهي اُن کان ڄڻ مُنهنجي وشواس جيان
وقت جيڪو زندگي آ ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي تون اُنهي کي، ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين روڪ جي روڪي سگهين
خواب اسان جا جنگي قيدي جن تي فاتح ٿوڪارِن ٿا پنهنجن پيرن ۾ ڪيرائي تلوارن سان للڪارِن ٿا
ڪا منزل ڏيکاري ڏي ٿي ڪو ڏورانهون ڏسُّ مليو آ وارِي ڄڻ دلداري ڏي ٿي گوندر کي ڪو گسُّ مليو آ
سُپنن جي بازار لڳي آ ميلو آ ويساکيءَ جو ڄَڻُ موڙَ موڙَ تي سَوَ مَڌونتيون من ماکارو ماکيءَ جو ڄَڻ
جنهن ۾ منهنجي ڏات ڏهاڳڻ ڪوڪِي آهي ڪويَلين جئن مڌوبن جي پن پن ۾ منهنجي دهڪي آهي دانهن دِلين جئن
منهنجا پير وڍيا آهن جن سي ڪارايُن وانگر رستا ڪيڏو دور وڃن ٿا اڳتي سي ڪنڊن سا ٻُر ٻُر رستا
هي ڪنهن جي سرگوشي آهي ”مؤنن ڀر تون ڪيسين رڙهندين؟ ”تو وَٽ ڪو هٿيار نه آهي ”پو به وڙهين ٿو! ڪيسين وڙهندين؟“
ساڏا شان تي ايمان علي اي جنھن تي راضي رب رحمان، علي اي ڪو مني نا مني او ٻگهيا ”سرور“ رب رسول ٻاجھون، شارحِ قرآن علي اي
حج عُمري ۾ تبديل ڪري جو وطن ڇڏيو آ مولا حسين پنھنجي ڪکڙن کي خدا حافظ چئي ڪجھ ھو، جو لڏيو آ مولا حسين
صوفي مڌ جا پيالا رھندا عشق جا ڪي تہ حوالا رھندا محبت جڳ ۾ باقي رھندي ڪوڙا ڪين ڪشالا رھندا
ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون بہ رھہ، مان ڀي رھان آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري، توبہ رھہ، مان ڀي رھان
صبح جو سمنڊ جي ڇولين ۾ ھڪ لاوارث لاش ترندو آيو ان رات ڪنھن مجبور عورت کي جڏھن ڪنھن عياش ھو کڻايو
لوڙيا تو مرون ۽ ڪيا ڪک ڪارا ٻوڙيا تو هيل به هڙئي ٻنيو ٻارا هيل ڪيئن ڪٽجندا هي سيارا منهنجا ٻوڏ جا ستايل مارو ويچارا
پاڇي وانگر پويان منھنجي، موت بہ مون سان آھي ساڻ پوءِ بہ ان جي لاءِ جيان پيو، جنھن جي مونکي ناھي ڄاڻ
جڏھن ھت ڪو ڌرتي ڌڪاريو نہ ھئو تڏھن سنڌ ڌرتيءَ جون سارون ھيون جڏھن ڪو بہ ڪانئر نہ ھو ڪرم ۾ تڏھن ھت ھنجن جون اڏارون ھيون
خدا ڪنھن جي محلن نہ ماڙين ۾ ھوندو جي ھوندو تہ پکڙن پراڻن ۾ ھوندو خدا ڪنھن نہ ڪورٽ نہ ٿاڻن ۾ ھوندو جي ھوندو تہ ٿاڪن ٺڪاڻن ۾ ھوندو
بي خوف ڪھاڙي جو سڏ آ محبوب! پڇاڙي جو سڏ آ سڀ ھلنداسين ڪنھن مقتل ڏي تاريخ اگهاڙيءَ جو سڏ آ
ھر ڪا چوٽ لڳڻ کان پوءِ مون ھر ڀيري پڇتايو آھي پوءِ بہ سونھن سزا ڀوڳڻ لئہ، مون کي پئي ھرکايو آھي
سري ڪين ڪئون، ويڻ موکي جي ماريا ڪو جو سخن ڪلال جو، پتيِ تي پيون تھان پوءِ ٿئون، مرڻ متارن کي
ميدانن مان وئين هليو، کائي ڀاڙ ڀَڄي؟ جي تو غداري نه ڪئي ڇو ٿيئي اک لَڄي؟ سچي ڳالھ سَڄي، سُڻائي مون ساٿ کي.
شمع ٻاريندي شب، پرہ باکون ڪڍيون موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا ڪارڻ رب تنھنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي، ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا ڪجھه ڳاٽ ڳھر کان ڇرڪن ٿا ۽ جام جھلي واجھائين ٿا
چنڊ لڪائڻ واجب ناهي منهن تي آيل وار پري ڪر بدليل آھي تنهنجو لهجو وڇڙڻ جا آثار پري ڪر!
جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام، جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام، اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.
مُحبت جون چٺيون ٻَڌي ڪبوتر اڏايون پيا ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘! مِڙئي ڌوڙ پايون پيا
ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟ سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معنيٰ؟ هر عورت جي فطرت ساڳي پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟
مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه پڙهي آ ’دنيا‘ جي موچاري معنيٰ روزي جي معنيٰ جي فاقو سحري ۽ افطاري معنيٰ!؟
سر ڍونڍيان ڌَڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہ وحدت جي وهانہ، جي وئا سي وڍئا
لُڙڪَ ڳلن تان رات ڳڙيا جي، پِرهَه ڦُٽي جا ماڪَ ڦُڙا سي. سِجَ ڪيو اعلانُ صبح جو، مُکڙيون بڻجي گُلَ ٽِڙيا ڪي.
جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ، گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ، نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ، ”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.
جي تن ۾ تيرٿ ڪن، سي گنگا وڃن نه گودڙيا، تن سامين سنديءَ سڪ جا، ٿا دونهان دل(1) دکن، لڳو رنگ، ”روحل“ چوي، اندر آديسن، کوجي کاهوڙين، وڃي اُونهي ۾ آسڻ ڪيا.
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾، سدائين نشان تي سدا امتحان ۾. ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي. ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾.
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو، جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ، پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا، هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو، جلاد جي لئه مجبوري آ
اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ
اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي، اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون. تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي، وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.
هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم، هي تعزير جي رُت، وفائن جي موسم. جا هلندي ئي بدلي، جا کِلندي ئي مٽجي، سا تنهنجي اکين جي، ادائن جي موسم.
اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين، اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين، طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.
مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو، هن جوءُ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو مون تو کي ڏسندي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل روح بلاول جو
پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي، رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.
منهنجيءَ چوليءَ جيءَ، ”هرمچ“ توکي هيئن چيو: ”منهنجو ٿيءَ نه ٿيءَ، آءٌ ته تنهنجي آهيان“.
ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي
عجب ٿي ملڪ جي آزادي ۽ عجيب نظام بشر بشر جي اڳيان ٿو ڪري قيود و قيام اهو جي حال ٿيو آزاد ملڪ جو همدم ته سوچ ڪهڙي مصيبت ۾ هوندا ملڪ غلام
عشق الاھيءَ ڪيو احسان ڪونه پڙھيوسين ڪلمو قرآن ساقيءَ سارو سُرُ سمجھايو سجدو صورت سِر سبحان
ھر ھنڌ پنھنجي حضور جو، شاھد مونکي نہ ڪر واعظ جي حد حساب جو، منڪر نہ ٿي پوان زمزون ادائون تنھنجون، ڏسي ڪافراڻيون ڪعبي کان منھن مٽي، ڪٿ ڪافر نہ ٿي پوان
لڳين ٿو پيار جي قابل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر موھي آ تو ڪيو مائل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر لڳائي جان جي بازي، سھائي سر بہ اي سھڻا ھميشہ لاءِ ڪبي حاصل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر
تماچي جي تڪئي تڙ تي، حسن جي ھاڪ ھولي ھئي. پساري پرت واري جي، اتي پلپل پرولي ھئي. نگاھون نيڻ پرڪيفي، نظارا ناز آرايون نرالي نينھن ناتي سان، نوري جي نور جھولي ھئي.
هـي ظـلم جـا زنـجير، ٽـٽي ئـي پـونـدا، ۽ بـاهه – ڀـريل تـيـر، گـسـي ئـي پـونـدا، پـرچاءُ ڪـندا مـون سـان ۽ تـوسان آخر، هـي بخـت هـي تـقدير، رُسـي ئـي پـونـدا،
تـقدير ڏيـڻ سـاٿ نه ٿـي پـئـي چـاهـي، تـدبـير به ظـاهـر ته بـچي ئـي نـاهـي. تـوڙي جـو اڳـيان بـاهه پـٺيان پـاڻـي آهه، پـر، واهه جـو ”امـيد“ به ڪا شـيءَ آهي!
جـنهن دور ۾ انـصاف نه ٿيـندا آهـن، حـقـدار کـي ڪـو حـق نه ڏيـندا آهـن، ٻُـڌجـي ٿـو ته ان دور سـندا پـيءُ ۽ مـاءُ، اولاد به بـاغـي ئـي ڄـڻيـنـدا آهـن.
ها، جنگ کـان هن دور کي نفـرت آهي پـُر جـنگ تـه انـسان جـي فـطـرت آهـي. دل ۾ نـه ڪجانءَ، امـن جـا عـاشق ”اسُتاد“، ظـالـم سـان لـڙڻ جـي ته ضـرورت آهـي.
هڪ ڳل تي لڳي چوٽ ڏجي ٻيو ٺاهي دسـتـور زمـانـا اهـو پـنهنـجو نـاهي. چـاهي ڪو اسان کي انهيءَ کي چـاهيون، ڊاهـيون ٿا انهيءَ کـي جـو اسـان کـي ڊاهي.
ســـون بـازار مـان ڳـِني وٺـبـو آ – فـيـض رهـبر کـان پِـني وٺـبـو آ، جـو به سـمجهو ته اوهان جو حـق آ، حق مـڙسي سـان ڇـِنـي وٺـبـو آ،
اگـر عـزم اڻ ٽـر اٿـن ٿـا ته پـو، هـمـالا هـمـالا جـُهڪي ٿـا پـون، مـگر وهـم سـاگر وٺـن ٿـا ته پـو، جـوالا جـوالا ، پـسـي ٿـا پون،
ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، ”بـخـاري“ کــان دوکـو، نه ٿـيندو نـه ٿيـندو، مـلـهـائـي نـه جـو ٿـڃ جـيـجـل جـي لـوڪو، اهـڙو ڪـو بـه ٿـوڪـو، نـه ٿـينـدو نه ٿيـندو،
”اڃـا رات آهـي“ نـنڊاکـن جـو گـفتـو، ”اٿو ڏيـنهن ٿـي ويـو“ سجاڳـن جـو گـفتـو، ”ملي ئي نٿو ڪجهه“ ڪراڙن جو گفتـو، ”وٺي رهبـو سڀڪجهه“ جـوانـن جو گفتـو،
شــاعــر ســــــــوچيو؛ واڪـــا ٿـيندا، وڻ – وڻ وڄـندا، پـک پـک اڏُنــدا، جنگي گيت تي ڪنهن کي سُڌ هئي، نـاچــــــو بـنجــــي نــينگـر نـچـــندا،
مـڃـيم، سـچ جـو سـج ۽ ٻــج آهين، بـکئي لـئـه ڳـڀـو نـاهـين، او شــاعـري! وڏي ڏات ٿــي ڏيهه کي زور ڏين پر، نـنگي لـئـه لـٽو نـاهـين، او شــاعـري!
قـلـم سان ڪجي بيلچي سان ڪـجي، گهڙي سان ڪجي يا گلي سان ڪجي، بـــهرحـال پـورهـيو ته پـورهـيو ئي آهـي، سُــئي سان ڪجي يا رُنبي سان ڪجي،
خــلقـت سُـڏڪـي گُــهرنــدي آهي، صحـت، دولـت، شُــهرت، عــظمـت، قــدرت مُـــرڪــي چــونـدي آهي، مـحـنت، مـحـنـت، مـحـنـت مـحنت،
ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آ، سنڌو تنهنجو، مـنهنجـو هڪـڙو هڪـڙو دم آ، سنڌو تنهنجو، گـيت لـکان پيـو، جنگ لڙان پـيـو، ڏيهه ڏسي پيو، ڪنَ تـي قـلم آ، هـٿ ۾ عـلم آ، سنڌو تنهنجو،
مـــري غالـــب نٿو مان ڇــو مــران، فــراز ۽ فيـض وانـگر پـيو جـيــان، ڀــٽـائيءَ کــي چيـم؛ بـابـا ٻُــــڌو – بــــــچي ”سنڌي“ ته مان به ٿو بــــچان،
عَارِفَ ۽ عُشاقَ، پَسَڻُ گُهرنِ پِرينءَ جو، جَنَّتَ جا مُشتاقَ، اڃا اوراهان ٿِئا.
تانسين تُون نه فقير، جانسين سانگُ سِسِيءَ جو، ماڻِئو تَنِ مَلِيرُ، جَنِ جُسو مالُ مُباحُ ڪِئو.
سَپَتِ پَچَرَ پِرينءَ جي، سَڀَتِ هُوت حُضُورُ، مُلڪُ سڀُ منصور، ڪُهي ڪُهيا ڪِيترا.
مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان باغي آھيان
ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾ ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾ ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾
مُلون ويري مذھب جو، مڙني کان مٿي خيرات ۽ زڪوات کي، ڪِٿان ٿو ڪَٿي پورھيت اونو پيٽ جو، پيو پورن ۾ پچي ھن مال ملي مفت ۾، اُڀرئي يا لٿي
اچڻ منھنجو وڃڻ تنھنجو، مرڻ منھنجو ، وڃڻ تنھنجو ستمگر ٿي ستم ڪر تون، پيو سھندس سڄڻ تنھنجو
بي سبب بلبل نھاري باز کي آ ھٿ ڪيو دير ٿي دمسات جي طعام مون تيار ڪيو شوق اھڙي مان سدائين ڪن شھزادا ٿا شڪار جت ڪُٺو سو اُت ڇٽو ري تبر تلوار ڪيو
توکي سارِي سنڌڙي ،ساري ڀٽ ڌڻي، مُور نہ ٿيندي مارئي،ٻي ڪا ماءُ ڄَڻِي، تنھنجي پير َ پَڻِي ، ڏات سموري ڏيھ جي.
بَندِ آھي مئڪدو محلاتِ جو، اَڌِ راتِ جو؛ شورُ ٿيو ڏاڍو ڳَليءَ ۾ راتِ جو ،اَڌِ راتِ جو.
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون نه ته ڪير ڪاڻ ڪير اسين ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ اسين پاڻ اُتامرا ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ پر حمل سرهي ساجن ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون
هاڻ ڇڙواڳ ارادن کي حدن ۾ رکجي نظم جي رسم، روايت ڪا چمن ۾ رکجي ٻاري ٻاريءَ جو ڏسون ٿا ڦٽل نظام دوست، جاکوڙ سان ترتيب صفن ۾ رکجي
مان پنهنجي جوهر ۾ معرڪو هان، سڃاڻو مون کي مان حوصلو هان۔ اي جنگجوؤ ! مون کي به نيئو، مان جوش آهيان مان ولولو هان۔
ڇا هي رازق ايڏي مفلسي ٿو لکي؟ ٻار بکيو خدا ڏي چٺي ٿو لکي۔ صبح بک کان شروع،رات بک تي ختم۔ ڪير تقدير هيء اڌرنگي ٿو لکي؟
وقت جي اڄ واڳ موڙي پوء اٿون۔ ڪي وفا جا علم کوڙي پوء اٿون۔ ها اڃا ڪجھ شام ڍلجي رات ۾۔ هوء پنهنجا وار ڇوڙي پوء اٿون۔
تو ختم شد لکيو منهنجي نالي پٺيان مون ته ساهي پٽي پئي ڪشالي پٺيان منهنجو نالو ئي اتساھ جو هو سبب قافلا پيا جڙي مون حوالي پٺيان
نئون هي جو دستور لکجي پيو ٿو اسان لئه نئون سور لکجي پيو ٿو قلم آ جلادن جي هٿ ۾ اچي ويو غلامي جو منشور لکجي پيو ٿو
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين جڏهن ورنديون ڪونجڙيون هر هر ڪري هُل، تڏهن ملنداسين وڇوڙي جا ڏينهرا ڀورائيءَ جي ڀُل، تڏهن ملنداسين ڳلن ڳوڙها ٽمندا جڏهن موتين جا تُل، تڏهن ملنداسين.
سڄو ڏيھ ڏاٽا ڪري جي اُڀا، لکين عيد جا چنڊ اڀري پون ڪڏهن سينڌ سنڌ جي نه ميري ٿئي، ڪڏهن موڙ ان جا نه مرجهائجن.
رستن جي ويراني مون ڏي گهوري ٿي هر شئي مان حيراني مون ڏي گهوري ٿي ڪيڏو وقت لڪل آ کَل جي گهنجن ۾ پوڙهي جي پيشاني مون ڏي گهوري ٿي
وري چنڊ - پوپٽ ڇهن عا گلن کي، گلابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن. هي جسمن جي گرمي ۽ ٿوري ڇهڻ سان، حجابن ۾ آواز ڀڻڪي رهيا هن.
،مَنَ ۾ ٿاڪَ، تنهنجي نيڻن جا .چَپ هيراڪَ، تنهنجي نيڻن جا، راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا، ڇا نه ادراڪ تنهنجي نيڻن جا.
تو چيو \"سپنا به ساڀيا ٿيا ڪڏهن\" مون چيو \"تنهنجو ملڻ ڇا معني؟\" ڇرڪندو مونکي ڏِٺئي، جئن مون پڇيو \"بند نيڻن سان ڏسڻ ڇا معني؟\"
اسان تہ تنھنجي بدن مان پنھنجو حسين ڪيڏو وطن تراشيو ھوا ۾ تنھنجو رئو اڏاري اسان تہ پنھنجو گگن تراشيو
سارو جوڀن اونداھ جھڙو جنھن ۾ ڪوئي ڏيئو ڪونھي آئون اڀاڳڻ اھڙي آھيان ورندو جنھن جو وڻجارو ڪونھي
ڳوڙھن ھاڻا ڳل ھي تنھنجا ڪنھن کي ورئي سارين ٿي تون ڪير ھنيئين تي اُڊڪي آيئي ڪھڙا پل سڀارين ٿي تون
ويدن منجھہ سمايل تون، گيتن منجھہ بہ ڳايل تون ڌرتي دز ڪندو ڪو گهوڙو، ائين امالڪ ايندين تون
نديءَ کي چيلھ تي آيا، سدا ھو وار سھڻي جا نديءَ کي نينگرين ھوڏيو، نديءَ ڪيا آر جوڀن جا
ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي ڏسي وڄ وينگس ڏري ٿي پئي سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي
پڇيو حيران ٿي مون ھاريءَ کان، ڪنھن ته آرڻ ھي اجاڙيا آھن؟ چيائين ڏوھ ناھي گدڙن جو، پنھنجي گھر جا ڪُتا ڀاڙيا آھن.
مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجھي حياتِ گريزان سرابِ مسلسل ازل کان اڃائي ويا، ڪير سمجھي
مُرڪ مون کان وئي کسي تنھن مُرڪ جو آھي قسم، جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي، ھر سُرڪ جو آھي قسم، پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن! مان ڪيئن رھان جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن؟
دوستو! ڪتبو ڏسو ٿا ته آئون ڪير آھيان؟ مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جو ننڍڙو ڊير آھيان، مان دين ڌرم جي دوکن کان دور دور رھيس، مان ماڻھپي جي منزلن ڏي کنيل پير آھيان.
متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه، اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو، ۽ تنھنجي مک کي منور ڪرڻ جي آس کڻي، اسان جو چاھ ڀي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.
جيون ڀانيان ٿو او جيڏا! جذبن جي ڪا آھي جنگ، جي جو سوريءَ سان ٿيو سنگ، گولين کان ڪي گُسندا رھندا
تون ته بيدرد، بيقدر آھين! جيءَ ۾ پوءِ به جلوه گر آھين. پڇين ٿو حال! ”ڪيئن پئي گذري؟“ ڪيڏو سادو ۽ بي خبر آھين.
تکي کڻ ترار - مڏيءَ ماس نه وڍجي ڪڍي اڳ ڪاٺوڙ کان، مانگر جهڙو مار ڏيهن کي ڏيکار - ته مرندا ناهن مورڙا
نموريون نم تي آيون ته جهرڪين سان جنجهي پئي آ ۽ دل جي ليار جي ٽاري ڪٿي خالي پئي آهي
ھتي ڏوھي کي چھبڪ جا بہ پئسا پاڻ ڀرڻا آھن اوھان جي شھر ۾ دادن، سزا ڏاڍي مھانگي آ
تلخ کان تلخ حالتُن کي هارايُم، پنهنجن هٿان هار کائي وِيُس. دُشمني شَهه ڏَئِي سگِهي نه ڪڏهن، دوستي ۾ ئِي مار کائي وِيُس.
هر سال پِتي ۾ پٿرِي جهڙو، اک ۾ اٽڪيل ڪُڪَرِي جهڙو، او ديس دُکايل نئون سال مبارڪ- چوندي ڀانيُم ڪَڪَرِي جهڙو.
هڪٻئي کان ڪنارا گهڻو ڏُور ها، زندگي جي ندي مان تَرِي پار پيس. وقت فرعون هو مان نه موسى سهي، پر قلم جي ڇَڙِي سان سُرِي پار پيس.
جو زھر پيتو ھو سقراط ڪنھن زماني ۾، گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو: حيات جنھن جي طلب ۾ رھي ٿي سرگردان، اھو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.
ڳلي جا طوق بدلجن پيا سدا، ھر سُو، ڏکي نه آھي صدين جي حساب جي صورت: صليب مان ٿي اچي اڄ بھار جي خوشبو، عجيب آھي اھا انقلاب جي صورت.
تون وري زھر کي ماکيءَ سان ملائي ويٺو، تو وري حق جو آواز دٻائين ويٺو، تون وري قيد جي ديوار اڏائين ويٺو، تون وري سچ کي گوليءَ سان اڏائين ويٺو.