HelloSindh Logo

محبت

محبت

مُحبت جون چٺيون ٻَڌي ڪبوتر اڏايون پيا ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘! مِڙئي ڌوڙ پايون پيا

- وفا ناٿن شاھي
محبت

الائــي تـه ڇـا ڇــا وڃــائي وڃــائي، ســڄـي زنـدگي ئـي وڃــائي ڇڏيسين، طـبـيعت رتــوڇــاڻ مَـــچَ ۾ نـچـائـي، چــون ٿــا مــحبت مــچـائي ڇڏيسين،

- استاد بخاري
محبت

تنھنجي جي محبت ۾ مٺا اڄ داغ دل تي ٿيا نوان اچ اچڻ جي مھل آھي ٿو وڃي ھي ڪاروان

- ابراھيم منشي
محبت

ڪي کوڙ چريا ماڻهو رستي ۾ مليا هوندئي ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هوندئي اکڙين جي اشارن سان لک قيد ڪيا هوندئي ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هوندئي

- مشتاق ڦل