موت
موت
پاڇي وانگر پويان منھنجي، موت بہ مون سان آھي ساڻ پوءِ بہ ان جي لاءِ جيان پيو، جنھن جي مونکي ناھي ڄاڻ
- منصور قادر جوڻيجو
موت
موت جي بستر تي ھر آشنا ستل زندگي گذري ٿي ھڪ بيمار جان
- وفا ناٿن شاھي
موت
ڪارندا قبر لئه، ڪانوُ ويا ڪڇي ڪاري ڪنھن اڇي، موٽايو نه موت کي
- ابراھيم منشي
موت
موت آھي ماڙھوئا، مٿي کان مٿي آوَس اھي اچڻو، اُڀرئي يا لٿي جھان جي جٿي، ھر ڪنھن آ ھرکائيو
- ابراھيم منشي
موت
متان ڊڄين موت کان، موت نه آھي موت جِيءَ جنين جي جوت، سي جسم ري جيئرا رھيا
- ابراھيم منشي
موت
ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪھڙو! تو وٽ موت اجل جون ڳالھيون تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين! تو وٽ سون پتل جو ڳالھيون
- خليل ڪنڀار
موت
زندگي ۾ عذاب ملندا هِن، پر بُٺيءَ تي گلاب ملندا هِن، ڪهڙو دستور آ دنيا جو عزيز- موت کان پوءِ خطاب ملندا هِن.
- عزيز ڪنگراڻي