HelloSindh Logo

منزل

منزل

ڪا منزل ڏيکاري ڏي ٿي ڪو ڏورانهون ڏسُّ مليو آ وارِي ڄڻ دلداري ڏي ٿي گوندر کي ڪو گسُّ مليو آ

- شيخ اياز
منزل

ڏاڍو ڏور لڳي ٿي منزل ڪيڏو پنڌ اڻانگو آهي! سِرُ اهڙو به اجايو ناهي توڙي سِرَ جو سانگو ناهي!

- شيخ اياز
منزل

اچـبـو تـه جـگـر شيـر جـو ڌاري اچـبـو، هـر ديـو ۽ راڪـاس کـي مـاري اچـبـو، او مـنـزل – مقـصود، هـي واعدو آهي – هـر حـال ۾ انجـام کـي پـاري، اچـبـو،

- استاد بخاري
منزل

مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي

- ابراھيم منشي
منزل

اسان جو جڏھين خون خوشبو ٿي ايندو، ته ويڙھا وطن جا به واسي ڇڏيندو، جڏھين ٻارڙي ڪنھن، ڪئي ٻولي ٻاتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
منزل

اسانجون ھي ٻانھون، اسان جو نگاھون، ازل کان لوچين ٿيون اھڙيون راھون، انھيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
منزل

جڏھن منھنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جُھرندا، ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا، سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري
منزل

جڏھين وڏ ڦڙو ڪو ولھارن تي وسندو، مٿان پارڪر جي پنوھارن تي وسندو، نه رھندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي، ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

- آڪاش انصاري