HelloSindh Logo

اکيون

اکيون

اڀرندي ئي سج پرين جي نہ پسنديون سي ٻئي ڪڍي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي

- لطيف
اکيون

جتي اوهان ڇڏيون اتي ئي آهين اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين ٻئي در واجھائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان

- لطيف
اکيون

عقابيل اکين سين، تير چلايو تو ٻيو مر ماري سو، جنھن جو پھريون پورو نہ ٿئي

- لطيف
اکيون

عقابيل اکين ۾ توکي تکا تير ساجن انھي سيگ سين ڦٽيئي گهڻا فقير ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھريون ئي پورو ٿيو

- لطيف
اکيون

عقابيل اکين ۾ باري توکي بان اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين

- لطيف
اکيون

تنهنجي اک ۾ سُرمي وانگر آهيون، توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.

- وفا ناٿن شاھي
اکيون

اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ، چپن جي رڦڻي هتي جرم آ، اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.

- حليم باغي
اکيون

تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند، هن اڻ هوند ۾ ڀي آڇينديون، اکڙيون ڳوڙهن بوند.

- حليم باغي
اکيون

نَڪي اوڏو اک کي، نڪي نَظران ڏُور، وَڃان اِئين وَهلور، جئن ڏِٺوئي اَڻَ ڏيٺ ۾.

- خواجہ محمد زمان
اکيون

ناھي پنڌ پري، اڄ پير ڀري، ھي اکڙيون ويٺيون آس ڪري ھيڪر ته حياتيءَ منجھه ملون، پوءِ ڪير جيئي ۽ ڪير مري

- ابراھيم منشي
اکيون

تون تاج محل جي آھين طوطي ڀل چُونڊ چُڳڻ لئه تون موتي تون تارا ڪڍي ڀل کاءُ اکين جا مون لئه ڪافي آ تنھنجي جوتي

- ابراھيم منشي
اکيون

مون اکين جي صحيفي تي آندو ايمان مان نه قائل ٻئي ڪنهن به دستور جو

- آصف جوڻو
اکيون

مڌ اکين مان، چپن مان ڪوثر ڏي هن دفعي هر دفعي کان بھتر ڏي برف جي ڏيھ جو مان ماڻهو هان باھ جھڙو گرم ڪو ڀاڪر ڏي

- آصف جوڻو
اکيون

واعظ ڪن تنهنجون اکيون محبت تي کين منهنجي اکين جو منبر ڏي

- آصف جوڻو
اکيون

مئين واندا، ميڏي اک واندي ميڪون واندي اک اٽڪاوڻي اي مئين ماندا، ميڏي دل ماندي ميڪون ماندي دل وندراوڻي اي

- استاد بخاري
اکيون

ھاءِ اُڃايون، آسَرونديون، وِکَ وک تي وَھلور منھنجون اکڙيون، ھيڻيون ھَرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور

- شيخ اياز
اکيون

اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا، اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتيءَ جيان

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ، جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو، تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ، جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا، جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا، جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري
اکيون

جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو، تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو، جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

- آڪاش انصاري