دوست
دوست
ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي
- لطيف
دوست
مِـٽيـون مـائـٽـيون آزمــائي ڏٺـيوسين، سَـڳيون ڀـائـپـيون آزمــائي ڏٺـيوسين، مصيبت ۾ ڪو يار همدرد ڪونهي، پـڪيون دوستيون آزمــائي ڏٺـيوسين،
- استاد بخاري
دوست
دوست داناءُ ٿي ويو آھي پٺَ ۾ گهاءُ ٿي ويو آھي
- دادن ثقلين لاشاري
دوست
دوست جي دلبري جهٽي وٺجي، پر ڪو آڱر کڻي ڪٽي وٺجي، جو مُڙيو سو عزيز گيدِي آ- جا بڪي ڄڀ سا پٽي وٺجي.
- عزيز ڪنگراڻي