HelloSindh Logo

دل

دل

دل کي اِئن وڪوڙيو ٿِي ڄڻ ته وَل چنبيليءَ جي ڪيتري نه خوشبو آ ڄڻ ته رات سانوڻ جي

- شيخ اياز
دل

اسانجا ڪافراڻا ڪم، نه ئي پنھنجي نمازي دل مڃايوسونس ڪيڏو پر، ٿيئي ٿي ڪانه راضي دل گلابن سوڳ ڪارو ڪيو، عجب غمناڪ غازي دل

- حسن درس
دل

ٿي پوي ماڪ گلابن تي هوا مان هر هر دل چوي ٿي ته ملين ڪاش ڪٿي تون ٻيهر

- شيخ اياز
دل

دل مُسافر خاڪ ڏي هَلجي کڻي، هَل، وڃايل ڪاڪ ڏي هَلجي کڻي.

- ايوب کوسو
دل

محبتون ڌاريو نه ڌاريو دوستؤ! پر دغا ڀي ڌاربي ناهي ڪڏهن. هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي، دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن.

- اياز گل
دل

نالو کڻان ته جيڪر بدنام ٿي پوي، دل جنهن ڦري هئي، آ نامُوَر اهو!

- لياقت ابڙو