HelloSindh Logo

انسان

انسان

جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾ ڪالھ کان ڳالھ آھي، سا انسان ۾

- شيخ اياز
انسان

هن دور ۾ ڪـهڙو رهيو حيوان جو ڊپ، ڪنهن جن، ملڪ ديو ۽ شيطان جو ڊپ، اللھ کـان انـسان نـه ٿـو پـيو لـرزي – انـسان کـي کائـي ويو انـسان جـو ڊپ.

- استاد بخاري
انسان

سڪرات ۾ ڪو ڪجهه ٿو گهري، آهي ڪو؟ انصـاف جـو بـوتـو ٿـو ڀُـري، آهـي ڪو؟ هـن هـيڏي جهـان، ٽـن اربـن ماڻـهن ۾ - انـسان کي انـسان ٿـو ڦري، آهي ڪو؟

- استاد بخاري
انسان

غيـرت جـو گـلو ڪو ٿو گهـُٽي، او پڄـجو! همـت جـو اجهـو دم ٿـو ٽـٽي، او پڄـجو! هي ”ڪوڪ“ ٻڌو ٿا ڪين ٻوڙا آهيو، انـسان کي انـسان ٿو لٽـي، او پڄـجو!

- استاد بخاري
انسان

تـسلـيم ته مـاحول صـفا گـرم آهي اسـتـاد جـي تحريـر ذرا نـــرم آهــي، اللھ ڪـي انـسان کـي اهـي اکـيون ڏي! انـسان ۽ انـسان سان وڙهـي، شــرم آهي.

- استاد بخاري
انسان

ڪـيڏانـهن اچـين ٿـو پـيو ڍرڙو ڍرڙو – هـو تنهنجـا ڏٻا ڏانـد، هو تنهنجو چڪڙو، راڪيـٽ جـا هـسوار، خـلائـي انـسـان، ڪـيڏانـهن وڃيـن پـيو تڪـڙو تـڪڙو؟

- استاد بخاري