HelloSindh Logo

ڌرتي

ڌرتي

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ

- حليم باغي
ڌرتي

هڪ لاش لتاڙي رهڻو ٿئي هونئن سنڌ نه سستي سهنجي آ بندوق ڏسيندي آرڻ ۾ هيءَ ڌرتي آخر ڪنهنجي آ

- حليم باغي
ڌرتي

هـي هيڏا وڏا ڪـوٽ، ڊهـي ئـي پـونـدا، مـحلـن جا مٿيان چــوٽ، ڊهـي ئـي پـوندا، ڪنهن وقت به ڌرتي جو ڪو ڌوڏو کاڌو، گهورن تي چڙهيل گهوٽ، ڊهي ئـي پـونـدا،

- استاد بخاري
ڌرتي

جُـتي برف ڏاڍي ۾ ڏاڍي ڄمي ٿــي، اتــان ئـي ته دريــاهه وهنـدا ڏسـون ٿــا، جتي چيچڪا کائـيُ ڌرتـي وڃي ٿـي، اتـيـئـي ته گـجـگـاهه ڦٽـندا ڏسـون ٿــا،

- استاد بخاري
ڌرتي

دل جان جگر آهـي، وطــن جي ڌرتي، نـيڻن جـي نـظر آهـي، وطــن جي ڌرتي، هـر دُک جـي دوا آهي طبـيبـو، بـابـا – اڪـسير اثـر آهـي، وطــن جي ڌرتي،

- استاد بخاري
ڌرتي

جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ، پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ

- ابراھيم منشي
ڌرتي

رستا روڊ بلاڪ سمورا باهيون ئي باهيون ڄڻ ته اسان هِن ڌرتيءَ جا وارث ئي ناهيون

- مشتاق ڦل