پيار
پيار پکيءَ جئن ايندو آهي آکيرو به اَڏيندو آهي روهه مٿان روها کيءَ وانگر پو به اُڏامي ويندو آهي
پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي آکيرا اُن لاءِ اَجايا ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي
پرين پيار تنھنجي ۾ ٿياسين مسافر وتيسين، سکن کي ڇڏي واٽ وندر نہ سونھون آ رستو، نہ ساٿي نہ سنگتي ھلون پيا سھاري، ڀٽائي، قلندر
پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘ ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو
ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون، ڍونڍي روءِ زمين، پئسي وارا پيار ڇا ڄاڻن؟ يار ڪبو مسڪين.
ڪو پيار دولابن جو ڏنگيل ڪو غم گفائن ۾ گم ٿيل ڪنهن دريا ۾ ٽپو ڏيندو آ ايئن الائي ڇو ٿيندو آ
ڪنهن جو پيار وساري ڇڏجي تنهن کان پاڻ کي ماري ڇڏجي.
محبت ڪونھي مُل، قيمت پُڇي ڇا ڪندين سھڻي، ساھڙ وچ ۾، پيار آھي پُل قيمت پُڇي ڇا ڪندين
ڪنهن پڇيو ڇا ڏٺو آهه تو پيار ۾؟ مون چيو”ٻيو چڱو ڇاهي سنسار۾“.
پيار ڪِوِلين سمان ماڻهن کي مليو ڄڻ ته پٽ تي ڪريل مٺائي هئي
هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو! ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو! ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واسُ هيس، ڇا انگ هُيس! هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو!