HelloSindh Logo

نفرت

نفرت

تنهنجي نفرت ساڻ محبت ڪريون. ايڏو گهٽِ معيار نه آهي پنهنجو.

- وفا ناٿن شاھي
نفرت

هـن دور جـي دلـين۾ محبـــت پوکيو! ڪلفت جا ڪڍي لاهه ۽ الفت پوکيو. نـفرت کي ڏئي باهه، صـفائـي ڪريو، رغبــت جو ڪري ريج، اخوت پوکيو.

- استاد بخاري
نفرت

روز مونکي جي نفرتون ڏيندين، موٽ ۾ توکي مان محبتون ڏيندس، تون ڪَلِيُن ۾ عزيز ڀل ڪَلُوڙا وجهه- مان ته توکي پيو امرتون ڏيندس.

- عزيز ڪنگراڻي