شاعر
شاعر
شــاعــر ســــــــوچيو؛ واڪـــا ٿـيندا، وڻ – وڻ وڄـندا، پـک پـک اڏُنــدا، جنگي گيت تي ڪنهن کي سُڌ هئي، نـاچــــــو بـنجــــي نــينگـر نـچـــندا،
- استاد بخاري
شاعر
اهو زمانو ويو جو شاعر ڏسندا هئا ڪي خالي خواب اڄ جا شاعر خواب ڏسن ٿا ۽ ڪن ٿا تعبيرون ڀي اي تنوير هي تنهنجا شعر به سنڌ جو ڀاڳ مٽائيندا ڪي اهڙيون تقريرون آهن، جي آهن تقديرون ڀي
- تنوير عباسي
شاعر
ڪوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور ڌارين ماڻهن جي دلداري نامنظور ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن شاعر ليکڪ سي درٻاري نامنظور!
- مشتاق ڦل
شاعر
اڄ وري تخليق کي شاعر مليو، اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو!
- شمشير الحيدري