سنڌ
جڏھن ھت ڪو ڌرتي ڌڪاريو نہ ھئو تڏھن سنڌ ڌرتيءَ جون سارون ھيون جڏھن ڪو بہ ڪانئر نہ ھو ڪرم ۾ تڏھن ھت ھنجن جون اڏارون ھيون
ڪٿي ڌاڙيل ھئا ڌن جا، ڪٿي تن جا ڪٿي من جا اياز اڄ دانھن ڏيون ڪنھن کي، ساري سنڌ گھيرو آ
ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز هيل تنهنجي سنڌ گهٻرائي نٿي
الا ائين نه ٿئي جوڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ، هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ.
اريـا به لـُٽيـرا هـا، لُـُٽي، لـُٽجـي ويـا، تـرخـان، مـدد خان ڦري، ڦرجي ويـا. هـي سنـڌ بـهرحال جئي پئـي، پئي جـيئندي، ڪئين بار ڪٽڪ آيا، ڪٽي ڪٽجي ويا
تـنهنجي اک ۾ پتـلـي ناهـي، پٿري آهـي، سـنڌ سـڙي پئـي تـنهنجي اک روئي به نٿـي، تـنهنجي بـت ۾ رت جـي بـدلي ريـتي آهـي، خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي،
خـام آ، جنـهن جو به آهي هِـي خيال، سـنڌ ٿيندي خـتم اڳ چالـيهه سال، سـنڌ رهندي، سنڌي رهـندا شـاد بـاد، بـند ڪـر افــواهه، ڌاريــــن جـا دلال،
برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي
ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان
سنڌ ٻڙڪي پئي، باھ ڀڙڪي پئي دل ۾ دوزخ ٻري، اک ڦڙڪي پئي ڌڻ ڌارين جا ڏسي، دل ڌڙڪي پئي پوءِ به وانگين جي ويءِ، وائکي وڙڪي پئي
سنڌو سُڪو ۽ سنڌ سُڪي، ٻي ڳالھه آ سڀ بي طُقي ڏيئڻو اَٿنان ڏيو اُٿي رت جي ٻَلي رت جي ٻُڪي جھڪندا ائين ويندا جُھڪي ٿيئڻي ھئي سا ٿي چُڪي اڃان وفاقن ور چڙھيا پوءِ سنڌ اوھان کان وئي اُڪي
هر ڪرسيءَ، قلم، ڪتابن کان، سڀ مستين، ڪيفَ، حجابن کان، ها ڳلڙن، گُل گُلابن کان، ۽ تنهنجي منهنجي خوابن کان، سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ
اهڙو ڪو انڌير، سرتيون، جهڙو سنڌ ۾ پِر نه پائي پيرُ، پَرڪيائين پنهنجو
سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ مان نه مگر ماڻهن سان سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان
تنهنجا ويڙها ۽ وستيون سدا پيا وسن منهنجي سک جا چمن، سنڌ پيارا وطن
مفلسي ۽ بُک بيماري ته ڏس سنڌ جي ماڻهن جي لاچاري ته ڏس هي، ڦُرون، اغوا، قتل غارتگري رئيس ۽ ڌاڙيل جي ياري ته ڏس