HelloSindh Logo

لڙڪ

لڙڪ

لُڙڪَ ڳلن تان رات ڳڙيا جي، پِرهَه ڦُٽي جا ماڪَ ڦُڙا سي. سِجَ ڪيو اعلانُ صبح جو، مُکڙيون بڻجي گُلَ ٽِڙيا ڪي.

- نصير سومرو
لڙڪ

هي لڙڪن جو سيلاب ڇا ساٿ ڏيندو، چون ٿا سياري جي شب ڀي ڊگهي آ.

- حليم باغي
لڙڪ

توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري

- اياز گل