HelloSindh Logo

شراب

شراب

گهرجي شائق کي هڪ پيالو شراب الصبّوح الصبّوح يا احباب

- شمس الدين بلبل
شراب

قدم قدم تي ھجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا ڪري ويو ڪير بارشِ مئہ، خمار آلود ٿيا زمانا

- شيخ اياز
شراب

ساقي ڏي شراب سو، جيڪو ھجي ھستي ٽوڙ پيئڻ سان جزوي عقل کي، وجھي نڪ ۾ نوڙ ڏي ڪو تيلي ٻوڙ، جيڪو نشا چاڙھي نيھن جا

- اعجاز شاھ راشدي
شراب

مِهنگي شَرابَ جهڙي هُئي دوستي اسان جي، جيڪا تمام ٿوري ناڻي ۾ هُئي وڪاڻي.

- روبينہ ابڙو
شراب

اسان جڏهن ڀي قرار ڳوليو، اداس چهرن ۾ پيار ڳوليو. نگاهَه تنهنجي شراب خانو، اسان اجايو، خمار ڳوليو.

- ساجد سنڌي