دنيا
دنيا
ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون بہ رھہ، مان ڀي رھان آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري، توبہ رھہ، مان ڀي رھان
- ڪشنچند بيوس
دنيا
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو! ارتقا رڪجي نٿي زندگي جي آرزو ۾ جستجو ٿڪجي نٿي ساٿيو، سندرا ٻڌي، ھلندا ھلو، وڌندا ھلو پاڻ ڇو بيھي رھون، دنيا جڏهن بيھي نٿي
- استاد بخاري
دنيا
سمونڊن جي قبـضي ۾ صحرا اٿَوَ، پُـهاڙن جـي گـهـيـري ۾ دريــا اٿـوَ، اڏامون ٿـا ڪيڏو به، آفــاق آَڏو، وڏو ڄڻ ته پڃـرو هي دنـيـا اٿـوَ،
- استاد بخاري
دنيا
پــڳ لاهـي پــوچــو ٻـــڌرائـڻ، سِــرُ ڦـاڙي سُــرمـو پـــارائـڻ، هـئـه دنـيا تـنهنجي هـمدردي، رت رئــــاري رُئــــاري پـــرچـائڻ،
- استاد بخاري
دنيا
مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي، پر دنيا ڪوئي ڄارُ هيو ۽ ڄارُ به ڪو اهڙو تهڙو!
- مسرور پيرزادو