زمانو
زمانو
هڪ ڳل تي لڳي چوٽ ڏجي ٻيو ٺاهي دسـتـور زمـانـا اهـو پـنهنـجو نـاهي. چـاهي ڪو اسان کي انهيءَ کي چـاهيون، ڊاهـيون ٿا انهيءَ کـي جـو اسـان کـي ڊاهي.
- استاد بخاري
زمانو
اٿُـيو هـاڻ گهوٻـو ۽ پـانـو اٿي پيـو، ٻـنيءَ ساڻ گڏ ڪـارخـانـو اٿي پـيو، ڏنــي اوڀ لـولي، جهَلي ڀونءِ جهولي، مگـر چـيـلهه مـوڙي زمــانـو اٿُـي پـيو،
- استاد بخاري
زمانو
وِڌا وات ۾ ڇـو اٿــئي مُــنڱَ زمــانا، ستايو غريبن کي ڪنهن آ، سچي ڪر، ڇـڏي ڏي اجــايــا ســجـايــا بــهانــا، حقيقت کـڻي اڄ ته کيرئـون اڇـي ڪر،
- استاد بخاري